اي سي بي پاڪستان ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ واڌو آفيسر فراهم ڪري ڇڏيا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ واڌو سيڪيورٽي آفيسر فراهم ڪري ڇڏيا.
ذريعن موجب ٻه واڌو سيڪيورٽي آفيسر قومي ٽيم جي رانديگرن جي چرپر دوران موجود هوندا.
واضح رهي ته ڪپتان بابر اعظم سميت ٻين رانديگرن کي هوٽل مان نڪرندي مداحن گهيري ورتو هو، ان دوران اڻ وڻندڙ وڊيوز به سامهون آيون هيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي درخواست تي انگلينڊ بورڊ سيڪيورٽي آفيسر فراهم ڪيا آهن.

ecb pcb pakistancrikcetteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.