وزير اعظم شهباز شريف بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
خابرو اداري موجب ان سلسلي ۾ وزير اعظم سڀاڻي لوڊشيڊنگ تي اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ سمورن کاتن جي وزيرن ۽ بيورو ڪريٽس کي شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.
وزير اعظم شهباز شريف سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ تي اهم فيصلو ڪندو.
توانائي وارو وفاقي وزير اويس لغاري اجلاس کي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي موقف تي به وزير اعظم کي بريفنگ ڏيندو.
واضح رهي ته سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه سخت گرمي هيٺ آهن، گرمي سان گڏوگڏ لوڊشيڊنگ به عوام جو جيئن جنجال ڪري رکيو آهي.

Shahbaz Sharif Wapda Notice

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.