اتر ڪوريا سڃاڻپ نه ٿيڻ جوڳو پروجيڪٽائل فائر ڪيو: ڏکڻ ڪوريا

ڏکڻ ڪوريا جي فوج چيو آهي ته اتر ڪوريا سڃاڻپ نه ٿيڻ جوڳو پروجيڪٽائل فائر ڪيو آهي.
هوڏانهن جاپاني اختيارين چيو آهي ته اتر ڪوريا جو فائر ڪيل پروجيڪٽائل خرابي کانپوءِ ريڊار تان گم ٿي ويو.
جاپاني اختيارين ٻڌايو ته اتر ڪوريا جو پروجيڪٽائل تجربو امڪاني طور تي ناڪام ٿي ويو آهي، جاپان اتر ڪوريا جي امڪاني ميزائل تجربي تي پنهنجي علائقي اوڪيناوا ۾ شهرين کي حفاظتي الرٽ به جاري ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا 4 جون کان اڳ ڪنهن به وقت سيٽلائٽ لانچ ڪرڻ جو چيو هو.

northkorea southkorea japan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.