زيبول ايل ايل ايم جي آخري سال جي شاگردن جو ڪراچي يونيورسٽي جو دورو

ڪراچي: (پ ر) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ڪلفٽن ڪراچي (زيبول) جي شعبا قانون ڊپارٽمينٽ جي ڪو چيئرپرسن ڊاڪٽر تحريم فرخ ۽ انوشا (ليڪچرار لاء ڊپارٽمينٽ زيبول) ايل ايل ايم جي آخري سال جي شاگردن سان گڏ ڪراچي يونيورسٽي جو دورو ڪيو.

ڪراچي يونيورسٽي جي لاء ڊپارٽمينٽ جي ڊين جسٽس (ر) حسن فيروز، اسسٽنٽ پروفيسر عابد حسين ۽ ارم افتخار زيبول جي استادن ۽ شاگردن کي ڀليڪار ڪيو ۽ لاء ڊپارٽمينٽ جي دوري کي ساراهيو.

ان موقعي تي قانون جي تعليم ۾ جديد تدريسي طريقا متعارف ڪرائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.