انگلينڊ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
برمنگهم جي ايجبسٽن اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
ميزبان ٽيم پهريان کيڏندي پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 184 رنسن جو هدف ڏنو، انگلينڊ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان جوز بٽلر 84 رنسن جي اننگز کيڏي، ول جيڪس 37، جوني بيئراسٽو 21 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 3، عماد وسيم، حارث رئوف 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
جواب ۾ قومي ٽيم 19.2 اوورن ۾ 160 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
فخر زمان 45، بابر اعظم 32، افتخار احمد 23، عماد وسيم 22 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ جي ٽاپلي 3، معين علي ۽ فوجرا آرچر 2-2، جارڊن، عادل رشيد ۽ ليونگسٽن هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته برسات سبب پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ نه ٿي سگهي هئي.

pakvseng pakistancricketteam ttwentyworldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.