نصرالله گڏاڻي ڪيس: جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن جي آءِ ٽي کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽيشنرز ميرپورماٿيلي جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جي آءِ ٽي کي رد ڪندي آءِ جي سنڌ کي غلام نبي ميمڻ کي نئين اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ڪميشن آءِ جي سنڌ کي چيو آهي ته اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم جو سربراهه سکر ڊويزن کانسواءِ ڪنهن ٻئي ڊويزن جي ڊي آءِ جي کي ٺاهيو وڃي ۽ ٽيم جي ٻين ميمبرن جو واسطو به سکر پوليس سان نه هجڻ گهرجي.

ڪميشن جي ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ نظر اڪبر جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميشن جي ٻين ميمبرن، انساني حقن جي ڪميشن جي پروفيسر ڊاڪٽر توصير احمد خان، سي پي اين اي جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر فهيم صديقي ۽ سينيئر صحافي مظهر عباس شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ نصرالله گڏاڻي تي حملي ۽ ان کانپوءِ جا تفصيل ٻڌايا. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ويو ته نصر الله گڏاڻي تي حملي کانپوءِ به پوليس ۽ انتظاميا طرفان سندس حياتي بچائڻ لاءِ اهي ضروري اپاءَ نه ورتا ويا جيڪي وٺڻ گهربا هئا.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نصر الله گڏاڻي سان مئي 2023 ۾ به ضلعي انتظاميا طرفان خراب ورتاءُ ڪيو ويو هو ۽ کيس ايم پي او تحت نظربند ڪيو ويو هو ۽ پوءِ ڪميشن جي نوٽيس وٺڻ تي ڪميشن جي هدايتن تي آزاد ڪيو ويو هو.

اجلاس ۾ سکر ڊويزن ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته سکر پوليس 8 مهينن کان وڌيڪ وقت گذرڻ کانپوءِ به هيل تائين جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۾ ناڪام آهي ۽ مجموعي طور تي سکر پوليس جي ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪندڙ آهي.

اجلاس ۾ ڊي آءِ جي سکر طرفان قائم جي آءِ ٽي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ويو ته ميرپورماٿيلي ۾ صحافتي ذميوارين جي ادائيگي دوران نصر الله گڏاڻي سان ڪاوڙيل رڳو اتان جا بااثر ماڻهو ئي نه پر پوليس ۽ انتظاميا جا ماڻهو به هئا جيڪي قتل جي جاچ تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا، ان لاءِ هن قتل جي جاچ سکر ڊويزن کان ٻاهر ٿيڻ گهرجي.

ڪميشن جي چيئرمين آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته نصرالله گڏاڻي جي قتل جي جاچ دوران ٿيندڙ اڳڀرائي بابت روزاني جي بنيادن تي ڪميشن کي آگاهه ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ ڪميشن جي گهوٽڪي ۾ فوڪل پرسن اطلاعات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محترمه رافعه بانو جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي وئي جنهن هن واقعي کانپوءِ اسپتال وڃي سمورا تفصيل ورتا ۽ ڪميشن کي موڪليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.