”ڪيريئر جي منڍ ۾ ناانصافي ٿي“ منوج باجپائي جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ورسٽائيل اداڪار منوج باجپائي پنهنجي پهرين فلم معاوضي فلمي سفر دوران ٿيل نااصافين  بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
منوج باجپائي هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو ته 1994ع ۾ بينڊٽ ڪوئين سان گڏ منوج باجپائي جي فلم ڌڙڪول به رليز ٿي هئي، کيس پنهنجي پهرين فلم لاءِ پنجاهه هزارن رپين جو چيڪ مليو.
هن چيو ته ان کانپوءِ ڇهن ورهين تائين هر فلم لاءِ اِها ئي رقم ملندي رهي پر ڇهن سالن کانپوءِ مون هڪ فلم ڪئي جنهن جو نالو نه ٻڌائيندس ان لاءِ هڪ لک پنجاهه رپيا معاوضو ورتو.
اداڪار فلم ذريعي ملندڙ رقم مان ڪٽوتي جو ذڪر ڪندي چيو ته هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت لاءِ چار هزار رپين ۾ معاملا طئي ٿيا پر مون کي رڳو ٻه هزار مليا.
منوج باجپائي ڀيا جي سندس 100 هين فلم آهي، هن ٽيهه سالا فلمي ڪيريئر دوران ستيا، شول، عڪس، پنجر، زبيده ۽ دل پي مت لي يار جهڙين فلمن اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي.

ManojBajpayee Bollywood Bhaiyaji

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.