ميرپورماٿيلو: شهيد نصرالله گڏاڻي جي جنازي نماز، عوامي آواز هيڊ آفيس مان سٿ جا ساٿي پهتا

ميرپورماٿيلو (رپورٽر) ميرپورماٿيلو ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي جنازه نماز ۾ ڪراچي مان عوامي آواز هيڊ آفيس مان سٿ جا ساٿي پھتا.

چار ڏينهن اڳ ڳولين جو کاڄ بڻجي مرڻينگ ٿيندڙ عوامي آواز جي رپورٽر ڪراچي جي ھڪ نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو مڙهه ڪراچي کان ميرپورماٿيلو لڳ ڳوٺ قبول خان گڏاڻي آندو ويو، جتي جنازه نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ عوامي آواز جي سٿ مان ناصر خٽڪ ،اقبال ملاح، مقصود جوکيو، آزاد مھر، ممتاز سنڌي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي پھتا جتي هنن شھيد جي مغفرت لاءِ دعا گھري ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

عوامي آواز جي سٿ چيو ته نصرالله گڏاڻي ھڪ دلير صحافي ھيو جنھن جي وڇوڙي تي وڏو ڏک پھتو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.