اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شاگردن کي ڪرغزستان کان ڏيهه واپس آڻڻ جو مشن مڪمل ٿي ويو آهي.
شاگردن جي واپسي واري آپريشن دوران ساڍا چار هزار شاگرد وطن واپس آيا جنهن جو سمورو خرچ پاڪستان حڪومت برداشت ڪيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، جعلي خبرن پاڪستاني شاگردن ۽ سندن گهرڀاتين کي پريشان ڪيو، شاگردن جي درخواست تي کين ڏيهه واپس آندو ويو.
ترجمان جو چوڻ هو ته ڪرغزستان واپس وڃڻ جي فيصلو شاگردن جو پنهنجو هوندو، ڪرغزستان ۾ صورتحال معمول تي اچي چڪي آهي، چاهيون ٿا ته آن لائين يا ٻين طريقن سان شاگرد پنهنجي تعليم جاري رکن.
ذريعن موجب، ڪرغزستان مان رڳو پاڪستاني شاگرد واپس آيا جڏهن ته هنيئر به ڀارت جا اڻويهه هزار کان وڌيڪ شاگرد ڪرغزستان ۾ موجود آهن.
You might also like