ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل تي ڏک ۽ مرحوم جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي گهرو کاتي کي شهيد صحافي جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته نصر الله گڏاڻي جون صحافت ۽ مظلوم عوام لاءِ ڏنل قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن.
هن چيو ته پيپلز پارٽي اظهار جي آزادي تي يقين رکي ٿي، جن به شهيد کي قتل ڪيو آهي انهن جا قاتل جلد گرفتار ڪري عوام سامهون آندا وڃن.
JusticeWithNasrullahGadani Journalist BilawalBhuttoZardari