مان ڄائو ناهيان پر موڪليو ويو آهيان: مودي جي تازي بيان تي ڇتي تنقيد

ڀارت جي ٽيون ڀيرو حڪمراني لاءِ بي قرار وزيراعظم نريندر مودي پاڻ کي ڀڳوان جو اوتار سمجهڻ لڳو.
هڪ انٽرويو ۾ مودي چيو ته مان ڄائو ناهيان پر ڪنهن خاص مقصد لاءِ دنيا ۾ موڪليو ويو آهيان.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ان بيان کي ماڻهو خود پسندي جي انتها قرار ڏئي ڇڏيا آهن.
ڪنهن چيو هاڻي اوتار چئي رهيو آهي، کٽي ويو ته پاڻ کي ڀڳوان چئي ڇڏيندو، ڪنهن پڇيو ته ڇا خدا کيس مسلمانن تي ظلم ۽ مني پور ۾ قتل عام لاءِ توانائي ڏئي ٿو؟
سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته مودي اهڙي قسم جي بيانن سان چونڊن ۾ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو جمهوريت ۽ جمهوري عمل لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي.

narendramodi india pm

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.