سخت گرمي موت جو سبب ڪيئن بڻجي ٿي؟ ماهرن خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو

موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ گرمي پڌ ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ۽ هاڻ دريافت ٿيو آهي ته سخت گرمي سان اڌ رنگ جي نتيجي ۾ موت جو خطرو گهڻي حد تائين وڌي ويندو آهي.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
هارورڊ ٽي ايڇ چن اسڪول آف پبلڪ هيلٿ جي رپورٽ ۾ دريافت ڪيو ويو ته سخت گرمي ۽ تمام گهڻي ٿڌ ٻنهي سان برين هيمبرج ۽ اڌ رنگ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
ماضي ۾ تحقيقن به سخت گرمي ۽ اڌ رنگ وچ ۾ تعلق دريافت ڪيو ويو هو پر اهو تحقيقي ڪم ڪنهن هڪ شهر يا ملڪ تائين محدود هو.
اهو ئي سبب آهي ته نئين تحقيق ۾ هڪ عالمي ڊيٽا بيس جو استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف خطن ۾ اڌ رنگ ۽ برين هيمبرج سان موت جي شرح کي ڏٺو ويو.
ان ڊيٽا موجب دنيا جي 25 ملڪن جي 522 شهرن ۾ 1979 کان 2019 تائين اڌ رنگ جي قسمن سان 58 لک کان وڌيڪ ماڻهو مُئا.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته اڌ رنگ سان ٿيندڙ هڪ هزار مان 11 موت سخت گرمي يا ٿڌ جي نتيجي ۾ ٿيا.
محققن ٻڌايو ته نتيجن سان اسان کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ملندي ته موسمياتي تبديلين ۽ اڌ رنگ وچ ۾ ڪهڙو واسطو موجود آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل اسٽروڪ ۾ ڇپيا.

heatwave heatstroke health

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.