ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته هيٽ ويو ۾ لوڊسيڊنگ سبب ڪو فوت ٿيو ته ڪي اليڪٽرڪ تي ايف آءِ آر ٿيندي.
سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته توانائي کاتي ۾ جيتري عملي جي ضرورت هئي ايترا ئي هئا، جنهن تي ايم ڪيو ايم جي ايم علي خورشيدي چيو ته جيڪڏهن ميرٽ تي نوڪريون ملن ها ته اسٽي نه اچي ها.
ايم ڪيو ايم جي مظاهر عامر سوالن جي وقفي دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسي ۽ پنجاسي سيڪڙو ريڪوري وارن علائقن ۾ به لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ڇا ڪي اليڪٽرڪ سان رابطو ڪندئو؟
جنهن تي ناصر شاهه جواب ڏيندي چيو ته مان متفق آهيان، ڪيترن ئي علائقن ۾اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، وڏي وزير سان گڏ وفاقي حڪومت سان ان معاملي تي ملاقات پڻ ڪئي جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي به ڪيئي فيڊرز ڪيترن ئي ڏينهن تائين بند رهڻ جو ٻڌائي چڪا آهيون.
هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ وڌيڪ مسئلا به آهن ان تي ڳالهه ٻول ڪئي، سعيد غني ڪي اليڪٽرڪ جي زيادتين خلاف جمع تي ملاقات رکي آهي، ٻين ميمبرن کي به دعوت ڏيون ٿا ته اجلاس ۾ پنهنجي نمائندگي ڪن.
صوبائي وزير چيو ته اوور بلنگ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، 22 کان 27 مئي هيٽ ويو آهي، ان ڏس ۾ قدم کنيا ويا آهن، سمورن کاتن کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ناصر شاهه خبردار ڪيو ته هيٽ ويو دوران لوڊشيڊنگ سبب ڪو مئو ته ڪي اليڪٽرڪ تي ايف آءِ آر ٿيندي.
#Nasirshah #Sindhgovt #Heatwave #Kelectric