ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سون جي اگهه ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 3 سئو رپيا سستو ٿيڻ بعد 2 لک 48 هزار 2 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 236 رپيا لاٿ سان 2 لک 12 هزار 791 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 3 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2395 ڊالرز جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سون جو اگهه 20 ڊالر پريميم شامل ڪري 2415 ڊالر في اونس آهي.
#Gold #Goldrate #Pakistan