پاڪستان جو چنڊ تي ملٽي مشن ڪميونڪيشن سيٽلائٽ لانچ ڪرڻ جو اعلان

پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽما سفيئرز ريسرچ ڪميشن (سپارڪو) ملٽي مشن ڪميونڪيشن سيٽلائيٽ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪ سيٽ ايم ايم ون 30 مئي کي چين جي شيچانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر سان چنڊ تي موڪليو ويندو.
ترجمان سپارڪو موجب سيٽلائيٽ سپارڪو ۽ چائنيز ايرو اسپيس انڊسٽري جي تعاون سان ٺاهيو ويو آهي ۽ ان جو مقصد ملڪ جي ڪميونڪيشن ۽ رابطي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ آهي.
هن وقت پاڪستان جا ٻه سيٽلائيٽ چنڊ تي موجود آهن، پاڪ سيٽ ون آر 2011 ۾ لانچ ڪيو ويو هو، ان جي ڊيزائن لائف 15 سال هئي، جيڪا 2026 ۾ مڪمل ٿي ويندي.
پاڪستان جو هڪ ٻيو رموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ به چنڊ ۾ موجود آهي، پي آر ايس ايس ون 2018 ۾ لانچ ڪيو ويو هو، ان کان علاوه تازو ئي هڪ سيٽلائيٽ آءِ ڪيوب قمر به چنڊ تي موڪليو ويو آهي.

Pakistan SettliteMission SPARCO

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.