ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ملائيڪا رياض چيو ته ڪنهن غريب ڇوڪري سان شادي نه ڪندس پر همسفر امير هجڻ گهرجي.
نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ياريان جي ادڪارا جو چوڻ هو ته مون کي اهڙي ڇوڪرو چاهي جيڪو انڊسٽري ۾ رهڻ لاءِ سپورٽ ڪري سگهي.
ملائيڪا رياض جو چوڻ هو ته ڇوڪرو نه صرف معاشي طور تي مضبوط هجي ان سان گڏوگڏ فيملي سان گڏ رهي ڇو ته مان اڪيلو نٿي رهي سگهان.
اداڪارا ٻڌايو ته ماڊلنگ جي شعبي ۾ مونکي خاص مزو ناهي آيو، انڪري مان ڊراما انڊسٽري ۾ داخل ٿيس.
هن چيو ته پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪرڻ تي افسوس آهي ۽ هاڻي مان ڪنهن سان به رليشن شپ ۾ ناهيان.
MalaikaRiaz Actress Pakistan