پنهنجي زندگي تي ڪتاب لکڻ جي اجازت نه ڏيندس:سلمان خان

دبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان چيو آهي ته پنهنجي ڀاڻيجي اگني هوتري کي پاڻ تي ڪتاب لکڻ جي اجازت نه ڏيندس.
بالي ووڊ جي سلطان سلمان دبئي ۾ پنهنجي ڀاڻيجي اگني هوتري سان گڏ هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته عليزي کي پاڻ تي ڪتاب لکڻ جي اجازت نه ڏيندس.
عليزي اگني هوتري کان سوال ڪيو ويو ته اوهان پنهنجي مامي تي ڪتاب لکندئو؟ عليزي جواب ڏنو ته سلمان خان به ڳالهائي ويٺو ۽ چيو ته ڪتاب لکڻ جي اجازت نه ڏيندس.
عليزي چيو ته سلمان خان تي ڪتاب لکيو ته هن جهڙو ڪتاب نه هوندو.
سلمان خان چيو ته عليزي منهنجي باري ۾ گهڻو ڄاڻ رکندي آهي تنهن ڪري نٿو چاهيان ته هو ڪتاب لکي ۽ بيسٽ سيلر بڻجي وڃي.
سلمان خان جي ڀاڻيجي عليزي گذريل سال فلم فراري سان پنهنجي ڪيرئر جي شروعات ڪئي هئي.

SalmanKhan DabbangKhan Aleezay

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.