فيض آباد ڌرڻي ڪميشن رپورٽ ۾ خامين تي ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جي رپورٽ ۾ خاميون آهن، ان معاملي تي ڪابينا جي خاص ڪميٽي جوڙي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي آءِ ايم ايف وفد سان گڏ ڳالهه ٻولهه ۾ اڳڀرائي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيسن بابت بريفنگ ڏني وئي.
فيض آباد ڌرڻي ڪميشن رپورٽ تي اٽارني جنرل ۽ قانون واري وزير رپورٽ جا اهم نڪتا ٻڌايا، جڏهن ته وفاقي ڪابينا کي اٽارني جنرل آف پاڪستان طرفان فيض آباد ڌرڻي واقعي جي انڪوائري ڪميشن جي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ڪابينا رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي قرار ڏنو ته انڪوائري ڪميشن پنهنجي ٽرمز آف ريفرنس (ٽي آو آرز) موجب ڪم نه ڪيو، وفاقي ڪابينا ان حوالي سان ڪابينا جي هڪ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جيڪا ان سلسلي ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي.
اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته رپورٽ ۾ واقعي خاميون آهن ۽ اها رپورٽ ٽي آو آرز موجب ناهي، فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جي رپورٽ جي معاملي تي ڪابينا جي خاص ڪميٽي جوڙي ويندي.

shahbazsharif pmln federalcabinet

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.