ايشوريا راءِ زخمي حالت ۾ ووٽ ڏيڻ پهچي وئي

بالي ووڊ جي سينئر اداڪارا ايشوريا راءِ اڄڪلهه فريڪچر باوجود پنهنجي زندگي جو هر ڏينهن سٺي نموني سان گذاريندي نظر ايندي آهي.
گذريل ڏينهن ڀارتي شهر ممبئي ۾پولنگ دوران بالي ووڊ انڊسٽري جا سڀئي ستارا پنهنجو حق راءِ دهي استعمال ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنز پهتا.
اداڪارا ايشوريا راءِ به ووٽ ڏيڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن پهتي، اداڪارا جي پولنگ تي پهچڻ وارو وڊيو وائرل وائرل ٿي ويو.
وائرل وڊيو ۾ اداڪارا پولنگ اسٽيشن ۾ مڪمل نظم ۽ ضبط جو خيال ڪندي قطار ۾ بيهي ڪري پنهنجي واري جو انتظار ڪندي رهي.
ان دوران ايشوريا راءِ پنهنجي آس پاس جي عورتن سان خوشگوار موڊ ۾ هيلو هاءِ به ڪندي رهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڀارتي ميڊيا سائٽس دعويٰ ڪئي آهي ته ڊاڪٽرن ايشوريا راءِ جي ٻانهن جي سرجري جو مشورو ڏنو آهي.

AishoriaRai IndiaElection2024 Bharat

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.