ٽوئيٽر جو نالو نشان ختم، هاڻ ايڪس جا چرچا هوندا

جولائي 2023ع ۾ ٽوئيٽر جو نالو تبديل ڪري ايڪس رکيو ويو هو، جڏهن ته پکي وارو لوڳو به تبديل ڪيو ويو هو.
هاڻي اهو سوشل ميڊيا نيٽورڪ جنهن کي پهريان ٽوئيٽر چيو ويندو، ايڪس هاڻ پنهنجو يو آر ايل به تبديل ڪري ورتو آهي، يعني ٽوئيٽر ڊاٽ ڪام بجاءِ هاڻ ان کي ايڪس ڊاٽ ڪام ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن اوهان ٽوئيٽر ڊاٽ ڪام لکي ڪري بٽڻ هڻندا ته يوب برائوزر اوهان کي ايڪس ڊاٽ ڪام طرف ڊائريڪٽ ڪري ڇڏيندو.
هاڻي يو آر ايل کي تبديل ڪرڻ بعد ڪمپني کي ري برانڊ ڪرڻ جو عمل لڳ ڀڳ مڪمل ٿي ويو آهي.
يو آر ايل کي ٽوئيٽر کان ايڪس ڊاٽ ڪام ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل آگسٽ 2023 کان جاري هو.
ايلون مسڪ 17 مئي تي هڪ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو هو ته سمورا بنيادي سسٽمز هاڻ ايڪس ڊاٽ ڪام تي منتقل ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.