بجلي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ ذريعي بجلي ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي، درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ واهپيدارن تي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ اضافي ٻوجهه پوندو.
چيئرمين نيپرا ٽي ماهي ايڊسٽمينٽ ذريعي بجلي ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ڪورنگي ڪراچي ايسوسي ايشن جي نمائندي مهانگي بجلي تي خدشا ظاهر ڪندي موقف ڏنو ته اهڙن حالتن ۾ انڊسٽري بند ٿي ويندي.
ٻڌڻي دوران پاور ڊويزن جي اختيارين واڌ جو اخلاق فوري طور ڪرڻ جي استدعا ڪئي، ٻڌڻي ۾ نيپرا واهپيدارن نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان سوال ڪيا.
اختيارين پڇيو ته نيٽ ميٽرنگ وڌڻ سان گرڊ مان بجلي ڪير خريد ڪندو؟، ان سوال تي نيپرا چيئرمين چيو ته جڏهن اسان وٽ نيٽ ميٽرنگ جو معاملو ايندو ته ڏسي وٺنداسين.
نيپرا اختيارين ٻڌايو ته ملڪ ۾ نيٽ ميٽرنگ 2 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي، نيپرا چيئرمين چيو ته حيدرآباد کي بجلي فراهم ڪندڙ (حيسڪو) نيپرا اٿارٽي کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.
نيپرا جي ميمبر رفيق شيخ چيو ته حيدرآباد فراهمي ڪمپني ۾ اهڙي شڪايتون اچي رهيو آهن جو شرم ايندو آهي.
چيئرمين نيپرا ٻڌايو ته حيسڪو خلاف فيصلي ۾ پاڻ نوٽ لکندس.
نيپرا ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ ذريعي بجلي ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي، درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ واهپيدارن تي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ اضافي ٻوجهه پوندو، فيصلي جو اطلاق جولائي کان سيپٽمبر تائين هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.