ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ واڌ ٿي وئي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن جا نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 10 مئي تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ 16.75 ڪروڙ ڊالر وڌيا آهن.
ان واڌ کانپوءِ ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 10 مئي تائين 14 ارب 62 ڪروڙ ڊالر رهيا.
ان کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 1.52 ڪروڙ ڊالر وڌي 9.13 ارب ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 15.23 ڪروڙ ڊالر وڌي 5.49 ارب ڊالر رهيا.
You might also like