قانوني طريقي سان ٻاهرئين ملڪ سيڙپڪاري ڪرڻ غلط ناهي: محسن نقوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته بزنس مين طور هو جتي چاهيندو انويسٽ ڪندو، قانوني طريقي سان ٻاهرئين ملڪ سيڙپڪاري ڪرڻ غلط ناهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته سندس گهرواري جي 2017 کان دبئي ۾ ملڪيت هئي، جيڪا 2023 ۾ کپائي وئي هئي، اليڪشن ڪميشن گوشوارن ۾ سڀ ڪجهه واضح آهي، هو 10 سال اڳ پبلڪ آفيس هولڊر نه هئا، گهرواري جي لنڊن ۾ به ملڪيت آهي.
هن چيو خبر ڏيڻ توهان جو حق آهي پر اهو چوڻ تي پراپرٽي ورتي ۽ ڊڪليئر نه ڪئي، ناجائز پئسي سان ٺهيل آهي غلط تاثر نه ڏيو، هر شئي واضح هئي پر اجاڳر ائين ڪيو ويو ڄڻ خبر ناهي ڪهڙن پئسن سان ملڪيت ٺاهي وئي، جيڪڏهن سمجهندس سيڙپڪاري ٻاهر ڪرڻي آهي يا ملڪ ۾ ته ڪندس، ڪنهن وٽ ناجائز پراپرٽي آهي ته ضرور ايشو ٺاهيو.
سندس چوڻ هو ته هزارين ماڻهو آهن، جن جون اتي ملڪيتون آهن، انهن جو نالو ناهي آيو، اندازو ٿئي ٿو ته مخصوص ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو آهي، انڪوائري رڳو ان جي ٿيڻ گهرجي جنهن ڊڪليئر ناهي ڪيو يا غير قانوني آهي، اسان جو بزنس مين ٿوري ترقي ڪري ته چوندا آهن چور آهي، بزنس کي گار بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.