ڪراچي: اورنج لائن تي سفر ڪندڙ شهرين لاءِ سٺي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شهرين لاءِ سٺي خبر آهي ته اورنج لائن بس سروس پنهنجي مسافرن کي گرين لائن تائين پهچائيندي.
سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ اورنج لائن بس جي شٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو، اورنج لائن تي سفر ڪندڙن کي هاڻ گرين لائن جي بورڊ آفيس اسٽاپ تائين آڻي سگهبو.
شرجيل ميمڻ اورنگي ٽائون مان بس ۾ سوار ٿي روٽ جو دورو ڪيو، ان کانسواءِ شرجيل ميمڻ اورنج لائن ايڪسٽينشن جو به افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت اورنج لائن منصوبي جي انٽيگريشن جو فيصلو ڪيو آهي، اورنج ۽ گرين لائن ڪوريڊور پاڻ ۾ ملايو ويندو، ان ۾ 3 کان 4 مهينا لڳندا.
هن چيو ته ٽرانسپورٽ سيڪٽر کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، نيون بسون به پهچي چڪيون آهن، وڌيڪ روٽ به شروع ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته اورنج لائن بي آر ٽي جو نالو عبدالستار ايڌي جي نالي سان منسوب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.