خالد مقبول صديقي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چيئرمين چونڊجي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس ۾ خالد مقبول صديقي کي چيئرمين چونڊي ورتو.
پاڪستان هائوس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي مختلف معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪندي اهم فيصلا ڪيا ويا.
ايم ڪيو ايم ترجمان موجب مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اعليٰ سطحي مرڪزي ڪائونسل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ خالد مقبول صديقي کي گڏيل طور چيئرمين چونڊڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.