پنجاب حڪومت جو قومي هاڪي ٽيم لاءِ 20 لک رپيا انعام جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت قومي هاڪي ٽيم لاءِ 20 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي راندين واري وزير فيصل کوکر سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ سلطان اذلان شاهه ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي قومي ٽيم کي شاباش ڏيندي 20 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو.
راندين واري وزير جو چوڻ هو ته جوش، جذبي، ۽ محنت سان قومي ٽيم اذلان شاهه ۾ ڪپ ٻين پوزيشن حاصل ڪئي، فائنل ۾ پاڪستان جي راند بهتر رهي.
فيصل کوکر چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني هاڪي ٽيم پرڏيهي ۾قومي جهنڊي جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي، پنجاب جي حڪومت قومي راند جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
ياد رهي ته 30 هين سلطان اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جاپان پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.