اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير ۽ گورنر جي بيان بازي تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ حافظ حمدالله پنهنجي بيان ۾ چيو ته علي امين گنڊاپور ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي سَس نُنهن جيان وڙهي رهيا آهن، ڪير ڏوهي آهي ڪير نه، ان بدران اهو ٻڌايو وڃي ته ويڙهه ڇا تي آهي؟
هن چيو جيڪڏهن ويڙهه اختيارن جي آهي ته جنهن وٽ اختيار آهي اهو ٻنهي جو باس آهي، پاڻ تي نه عوام تي رحم ڪيو، نه ته گهر هليا وڃو.
Next Post
You might also like