دهلي جو وڏو وزير جيل مان آزاد، مودي جي آمريت خلاف وڙهڻ جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال کي 50 ڏينهن کانپوءِ جيل مان آزاد ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اروند ڪيجريوال کي ڪرپشن الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، آزادي کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڊڪٽيٽر شپ خلاف جنگ جاري رهندي.
اروند ڪيجريوال کي پهرين جون تائين ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي، هو پنهنجي جماعت عام آدمي پارٽي جي چونڊ مهم هلائيندو.، دهلي ۾ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ 25 مئي تي ٿيندي.
اروند ڪيجريويل ووٽرن تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ کي ڊڪٽيٽر شپ کان بچائڻ لاءِ سندس ساٿ ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.