يوٽيوب وانگي ڪم ڪري ايڪس تي به پئسا ڪمائي سگهجن ٿا

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي سي اي او ايلون مسڪ چيو آهي ته ايڪس جا سبسڪرائبڊ واهپيدار ٽي وي سيريز، موويز ۽ پوڊڪاسٽ ذريعي پيسا ڪمائي سگهن ٿا.
ايلون مسڪ جي ڀيڻ ٽوسڪا مسڪ ايڪس تي پيغام ۾ چيو آهي ته خوشي آهي ته ماڻهو ايڪس تي منهنجون فلمون ڏسندا آهن، ٽوسڪا مسڪ جي بيان جي جواب ۾ ايلون مسڪ چيو ته واهپيدار هاڻي ايڪس تي پنهنجون فل لينٿ موويز پوسٽ ڪري سگهن ٿا.
ايلون مسڪ لکيو ته واهپيدار هاڻي ايڪس تي فلمون، ٽي وي سيريز يا پوڊ ڪاسٽ پوسٽ ڪري سبسڪرپشن آن ڪري پنهنجو مونيٽائز ڪري پيسا ڪمائن.
هڪ واهپيدار ايلون مسڪ کي تجويز ڏني ته ايڪس واهپيدارن کي فلمون پوسٽ ڪرڻ ڏنيون وڃن ۽ گڏ ئي فيس وصول ڪئي وڃي، اهڙي ريت ماڻهو سبسڪرپشن خريد ڪرڻ بغير فلم خريد ڪري سگهندا ۽ ايڪس هڪ حقيقي مووي پليٽ فارم بڻجي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.