ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جاپان پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ملائيشيا جي شهر ايپوه ۾ کيڏيل فائنل ميچ چوٿين ڪوارٽر ۾ 2-2 تان برابر رهي، جنهن کانپوءِ پينلٽي شوٽ آئوٽ تي فيصلو ٿيو.
جاپان پينلٽي شوٽ آئوٽ مقابلو 1-4 تان کٽي پهريون ڀيرو اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، جاپان جي ٽيم پهريون ڀيرو ايونٽ جو فائنل کيڏي رهي هئي.
واضح رهي ته پاڪستان 2011 ۾ آخري ڀيرو اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائنل کيڏيو هو، قومي ٽيم آخري ڀيرو ٽورنامينٽ 2003 ۾ کٽي هئي.
You might also like