ڪراچي ۾ انٽر جا امتحان ڪڏهن کان شروع ٿيندا؟ شاگردن لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽرميڊئيٽ جي شاگردن لاءِ امتحانن جي حوالي سان اهم خبر اچي وئي.
انٽرميڊئيٽ جي امتحانن جي تاريخن جو اعلان ڪيو ويو، انٽر بورڊ چيئرمين تاريخن جو اعلان ڪيو، جنهن تحت شاگردن وٽ تياري جو گهٽ وقت رهجي ويو آهي.
انٽر بورڊ چيئرمين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته انٽر جي امتحانن جي شروعات 28 مئي کان ٿيندي، سڀاڻي ڪراچي جي ڪمشنر سان اجلاس ٿيندو.
اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ اختياريون به شريڪ ٿينديون، ان موقعي تي امتحاني مرڪزن ۾ لوڊشيڊنگ جي شڪايتن تي قلم 144 جي قدمن تي گفتگو ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.