آمريڪا جي فون کان اڳ عمران کي آزاد ڪرڻ گهرجي: مشاهد حسين

اسلام آباد(اردو نيوز) ن ليگ جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو آهي ته عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد  ڪرڻ گهرجي،ان کان اڳ جو ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ چونڊون کٽي چئي ته انهن کي آزاد ڪريو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ سڀ سرڪاري سسٽم جو حصو بڻجي ويا آهن، ان جو بنياد فارم 47 آهي جڏهن ته ٻئي پاسي عوامي قوت آهي جنهن جو بنياد فارم 45 آهي ۽ اها هڪ قيدي 804 جي چوڌاري گهمي رهي آهي، هن چيو ته اسان جي پارٽي کي پنجاب ۾ ايترو وڏو ڌچڪو لڳو آهي، 30 سالن جي سياست 8 فيبروري تي مليا ميٽ ٿي وئي آهي، هن چيو ته حالت اها آهي ته ماضي جو نگران وزيراعظم حڪمران جماعت کي مهڻو ڏئي رهيو آهي ته چپ ٿي وڃو،نه ته توهان جي اصليت ٻڌائي ڇڏيندس  ته توهان فارم 47 جي پيداوار آهيو،عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.