ڪراچي ۾ پيپر شروع،ايجنٽ شاگردن جا فارم ۽ پيسا کڻي فرار،سلپون جاري نه ٿيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سڀاڻي کان ميٽرڪ جي امتحانن جي شروعات ٿيڻ واري آهي پر ان باوجود به ڪيترن ئي شاگردن کي ايڊمٽ ڪارڊ (سلپون) جاري نه ڪيون ويون آهن.
ايڊمٽ ڪارڊ وٺڻ لاءِ شاگردن والدين جو وڏو انگ ميٽرڪ بورڊ پهچي ويو، ڪيترن ئي نجي اسڪولن طرفان فارم ايجنٽن کي ڏنا ويا، نجي اسڪول انتظاميا جو چوڻ آهي ته ايجنٽ فارم ۽ فيس کڻي ڀڄي ويا.
شاگردن ٻڌايو آهي ته سڀاڻي کان امتحان شروع ٿي رهيا آهن پر اسڪولن ۾ ايڊمٽ ڪارڊ ناهن ڏنا ويا، ايڊمٽ ڪارڊ ڏيڻ اسڪول 7 بورڊ جي ذميواري آهي.
ميٽرڪ بورڊ جي ترجمان چيو ته نجي اسڪولن بروقت فارم جمع نه ڪرايا هئا، جن اسڪولن آن لائن فارم جمع ڪرايا اهي آنلائن پرنٽ ڪڍي سگهن ٿا، آخري ڏينهن تي هڪ ئي وقت سڀ اسڪول پرنٽ ڪڍندا آهن ته لوڊ وڌي ويندو آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته اسڪول انتظاميا بورڊ وٽان به ايڊمٽ ڪارڊ جي پرنٽ ڪڍرائي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.