نيو يارڪ پوليس جي سنڌ پوليس کي تربيت جي آڇ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيو يارڪ پوليس ڊپارٽمينٽ سنڌ پوليس کي تربيت جي آڇ ڪري ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاهه سان نيو يارڪ پوليس ڊپارٽمينٽ جي مختلف ڪيڊرز جي آفيسرن ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران نيو يارڪ پوليس جي وفد سنڌ پوليس کي تربيت جي آڇ ڪندي چيو ته اسان سنڌ پوليس ۽ آفيسرن کي ٽريننگ ڏئي سگهون ٿا، جنهن تي وڏي وزير نيو يارڪ پوليس وفد جا ٿورا مڃيا.
نيو يارڪ پوليس جي وفد وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان مختلف ماڻهن ۽ پوليس ڪيڊرز سان ملاقاتون ڪيون آهن، نيو يارڪ ۽ ڪراچي ۾ گهڻي هڪجهڙائي آهي، ڏوهه ڪندڙ 10 سيڪڙو هوندا آهن، جيڪي 90 سيڪڙو آبادي خلاف ڏوهه ڪندا آهن پر ضروري آهي ته ڏوهارين کي اها خبر هجي ته انهن تي نظر رکي پئي وڃي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه چيو ته خطي جي صورتحال سبب ڪراچي هدف رهيو آهي، ڪو دور هو جو دهشتگردي عروج تي هئي پر سنڌ حڪومت ڏوهن تي ضابطي لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته نيو يارڪ پوليس جيان هاڻ سنڌ پوليس به ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.