ڀارت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪولن کي بم سان اڏائڻ جون ڌمڪيون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر احمدآباد ۾ ڪجهه اسڪولن کي بم سان اڏائڻ جون ڌمڪيون وصول ٿيون آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب گجرات رياست جي شهر احمدآباد جي ٽن اسڪولن جي انتظاميا کي ڌمڪي جوڳيون اي ميلز وصول ٿيون آهن، جن ۾ اسڪولن کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان خوفزده ٿيڻ جي ضرورت ناهي.
مقامي پوليس اختيارين موجب احمدآباد جي 5 کان 6 اسڪولن کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي پر ان حوالي سان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته چونڊون آهن ۽ اهو سياسي معاملو ٿي سگهي ٿو.
واضح رهي ته ان کان اڳ نئين دهلي جي ڪجهه اسڪولن کي به بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي وصول ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.