بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ٻيهر پرڏيهي وزير ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪمران اتحاد مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ وزارتن جي حوالي سان ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن.
ذريعن موجب ٻنهي پارٽين ۾ پاور شيئرنگ جو معاهدو ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي وري پرڏيهي وزير ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.
ذريعن ٻڌايو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري شهباز شريف جي ڪابينا جو حصو بڻجي ويندو، ٻنهي جماعتن جي قيادتن وچ ۾ ڳالهين دوران اتفاق ٿي ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري هڪ دفعو ٻيهر پرڏيهي وزير ٿيڻ تي متفق ٿي ويو آهي، جڏهن ته ان کان پهريان هو وزارتون وٺڻ کان انڪار ڪري چڪا هئا.
هنن چيو آهي ته وزير اعظم چاهي ٿو ته جون ۾ بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي پيپلز پارٽي ڪابينا جو حصو بڻجي وڃي، پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته پيپلزپارٽي بجيٽ کان اڳ يا بعد ۾ ڪابينا ۾ شامل ٿيندي پر ن ليگ اسحاق ڊار کي نائب وزير اعظم بڻائي بلاول ڀٽو جي پرڏيهي وزير ٿيڻ جا امڪان وڌائي ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.