گهڻي موبائيل هلائڻ کان روڪڻ تي 14 سالن جي ڀيڻ ڪهاڙي هڻي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) موبائيل فون جي استعمال سان جتي سوشل ميڊيا واهپيدارن لاءِ سولايون پيدا ٿيون آهن اتي گهرن ۾ جهيڙا به ٿي رهيا آهن.

ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه ۾ ڀيڻ موبائيل فون جي استعمال کان روڪڻ تي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.

14 سالن جي ڀيڻ ڀاءُ کي ڳلي ۾ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو.

18 سالن جي ڀاءُ کيس رڳو موبائيل جي گهڻي استعمال کان روڪيو هو.

واقعي کانپوءِ ڪيس داخل ڪري جوابدار ڀيڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.