کدڙا فقير آپي مان ٻاهر، پوليس کي ڪٽڪو، ٿاڻي تان ڦر

لاهور (ويب ڊيسڪ) کاريان ۾ گشت دوران پوليس حرا نالي کدري فقير ۽ سندس ساٿي مرد کي روڪي تلاشي ورتي جنهن تي بحث ٿي پيو، پوليس اهلڪار حرا ۽ سندس ساٿي کي ٿاڻي وٺي ويا جتي کدڙي فقير ۽ سندس ساٿي کي ڪٽڪو ڏئي کين ڇڏيو ويو.

تنهن کانپوءِ وڏي انگ ۾ کدڙا فقير گڏ ٿي ويا ۽ ٿاڻي تي ڪاهه ڪري ڏني، کدڙن فقيرن ٿاڻي تي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ جنهن کانپوءِ روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو، پوليس لٺبازي ڪري کين ڇڙ وڇڙ ڪيو.

واقعو گذريل ڏينهن پيش آيو هو جنهن جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو.

ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته ملوث پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.