لنڪڊ ان واهپيدارن لاءِ گيمز متعارف ڪرائي ڇڏيون

ڪيلفورنيا (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن واري پليٽ فارم لنڪڊ ان گيمز اسپيس متعارف ڪرايو ڇڏيو.
هلندڙ سال جي شروعات ۾ آزمائش لاءِ پيش ٿيندڙ لنڪڊ ان گيمز نالي فيچر ڪمپني هلندڙ هفتي متعارف ڪرايا آهن.
متعارف ڪرايل پزل ۽ منطقي ۽ منطقي گيمز مفت آهن ۽ نيو يارڪ ٽائمز جي مشهور گيمز سان گنڍيل آهن.
هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني طرفان اهڙو قدم واهپيدارن کي پليٽ فارم تي ذهني وقفو ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو.
فل الحال، پليٽ فارم تي ٽي گيمز (پن پوائنٽ، ڪراس ۽ ڪوئنز ) دستياب آهن.
نيو يارڪ ٽائمز گيمز وانگي لنڪڊ ان کي ڏينهن ۾ هڪ دفعو کيڏي سگهجي ٿو، واهپيدار گيم کيڏي پنهنجو اسڪور پليٽ فارم تي شيئر به ڪري سگهن ٿا ته جيئن پليٽ فارم تي موجود واهپيدار سان مقابلو ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.