بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا پرينيتي چوپڙا جي مڙس ۽ سياستدان راگهو چڍا اکين جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو.
ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اهڙو انڪشاف انڊين وزير سورڀ بهاردواج طرفان ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته راگهو چڍا پنهنجين اکين جي سرجري لاءِ لنڊن ۾ ترسيل آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو راگهو چونڊ مهم جو به حصو ناهي.
ڀارتي وزير جو چوڻ هو ته راگهو جي ريٽينا ۾ سوراخ آهي، جنهن ڪري هن جي نظر به وڃي سگهي ٿي، هو سرجري لاءِ برطانيا ۾ آهي، اسان هن جي صحتيابي جي اميد ڪيون ٿا.
ٻي پاسي ڀارتي ميڊيا چيو آهي ته راگهو کي گهرواري پرينتي چوپڙا لنڊن ۾ مڙس سان گڏ ئي آهي، راگهو جي سرجري ڪئي وئي آهي ۽ ڊاڪٽرن کيس گهر موڪلي آرام جو مشورو ڏنو آهي.
You might also like