آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جو آفيشل ترانو جاري ڪري ڇڏيو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جو آفيشل ترانو رليز ڪيو ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جو آفيشل ترانو ” آئوٽ آف دِس ورلڊ “ آءِ سي سي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي جاري ڪيو ويو آهي جيڪو گريمي ايوارڊ ونگر راڳي شان پائول ۽ ڪيس گڏجي ڳايو آهي.
ميگا ايونٽ جي اينٿم ۾ ليجنڊري ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ڪرس گيل، چندرپال، اسٽيفني ٽيلر، دنيا جي تيز ترين شخص يوسين بولٽ سميت ٻين ايٿليٽس پرفارم ڪيو آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا مقابلا ٻه جون کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروعات ٿيندا.
ٻئي پاسي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيمن طرفان حتمي اسڪواڊ جو اعلان ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان هينئر تائين ٽورنامينٽ لاءِ پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.