بالي ووڊ جي فلم ”ڪوئي مل گيا“ ”ڪرش“ ۽ ڪرشن 3 کانپوءِ سڌارٿ آنند جي فلمي شوقينن لاءِ وڏي انتظار کانپوءِ ”ڪرش 4“ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڀارتي فلمساز سڌارٿ آنند تازو ئي هندستاني سپر هيرو فرنچائز ”ڪرش“ جي چوٿين قسط جي تصديق ڪري فلم ڏسندڙن کي خوش ڪري ڇڏيو، فلم ۾هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪار رتڪ روشن اداڪاري سان پرستارن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ وارو آهي.
اداڪار رتڪ روشن ”ڪرش 4“ جي حوالي سان ڳالهايو هو، ڊائريڪٽر سڌارنٿ آنند پنهنجي ٽوئيٽ ۾ تصديق ڪري پرستارن کي دنگ ڪري ڇڏيو.
اطلاعن موجب فلم ڪرش 4 جو اسڪرپٽ پنهنجي آخري مرحلن ۾ آهي، جڏهن ته فلم جي شوٽنگ نئين سال جي آغاز ۾ شروع ڪئي ويندي.
You might also like