ريسرچرز انڪشاف ڪيو آهي ته اوهان جي ڪن ۾ جيڪو ڪچرو (Wax) موجود آهي ان سان اوهان جي ذهني صحت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
ان سلسلي ۾ 37 ماڻهن جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ اهو ڏٺو ويو ته ڪن جي نالي جي ڀرپاسي جيڪو تيل جيان ڪچرو هوندو آهي ان سان ذهني دٻاءَ ۾ خارج ٿيندڙ اسٽريس هارمون ڪورٽي سول جي ماپ ڪري سگهجي ٿي.