آرمي ايڪٽ سيڪشن 176 سي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي ايڪٽ جي سيڪشن 176 سي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
درخواست گذار اڳوڻي آفيسر ايم آءِ آپريٽر ڪميونيڪيٽر يونٽ شبير اسلم چيو ته آرمي ايڪٽ جي سيڪشن 176 سي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
درخواست گذار موجب اين ايڪٽ جو غلط استعمال ڪندي مارشل لا به لاڳو ڪئي وڃي ٿي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جا اختيار ڊپٽي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ وائيس چيف آف آرمي اسٽاف چارج سنڀالي استعمال ڪندو آهي ۽ فور اسٽار جنرل بڻجي ويندو آهي.
درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي. عدالت لاڳاپيل ايڪٽ تي وضاحت لاءِ 29 مئي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ بابت به دليل طلب ڪيا ويا آهن.
درخواست ۾ سيڪريٽري دفاع، ملٽري سيڪريٽري، چيف آف نيول اسٽاف، چيئرمين جوائنٽ اسٽاف سيڪريٽريٽ، چيف آف آرمي اسٽاف سيڪريٽريٽ، چيف آف نيول اسٽاف سيڪريٽريٽ، ايئر چيف سيڪريٽريٽ، سيڪريٽري قانون ۽ انصاف جو ڌر طور ذڪر ڪيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.