اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون سڀني جي سامهون ٿينديون: علي امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون سڀ جي سامهون ٿينديون، ڪا لڪل ڳالهه نه ٿيندي.
پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته ملڪ جي استحڪام لاءِ پي ٽي آءِ باني شروع کان ڳالهين جو حامي آهي، اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون سڀني جي سامهون ٿينديون.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ امن هو، تازي بدامني جي ذميوار پي ڊي ايم آهي، وفاق کي چوان ٿو ته دهشتگردي خلاف جنگ جي مد ۾ 460 ارب رپيا جاري ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.