ڊار کي سامهون آڻڻ جو مطلب جهيڙو شروع ٿي ويو:فيصل واوڊا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته حڪومت ۾ڊسٽربنس موڊ آن ٿي ويو آهي، تنهن ڪري ڊار ڊپٽي  وزيراعظم بڻيو،  بئريسٽر گوهر عمر ايوب، گنڊاپور حڪومت سان مليل آهن، قوم سڀ ڪجهه ڏسي وٺندي، ڪجهه هفتن جي ڳالهه آهي، خاص ڳالهه ٻول ڪندي فيصل واوڊا چيو ته ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسحاق ڊار ڪميٽين جو سربراهه بڻيو،  اسحاق ڊار کي پڇڻ گهرجي ته ڇا هو ڊسٽربنس پيدا ڪرڻ آيو آهي، يا شهباز اهل ناهي؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ  جي ماڻهن جيڪي ڪم ڪيا اهي به باني جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيا، پي ٽي آءِ جا ماڻهو چاهين ٿا ته باني جيل ۾ رهي ۽ ان جي مقبوليت جو مزو وٺن،  پي ٽي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.