اين اي 207 تي آصفا ڀٽو جي بنامقابلي ڪاميابي خلاف درخواست رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي اسميبلي جي تڪ اين اي 207 تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي اميدوار آصفا ڀٽو زرداري جي ڪاميابي خلاف داخل ٿيل درخواست رد ڪري ڇڏي.
تحريڪ انصاف اميدوار ۽ درخواست گذار غلام مصطفيٰ رند نامزدگي فارم رد ٿيڻ ۽ آصفا جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي.
درخواست ۾ صوبائي ۽ ريجنل اليڪشن ڪمشنر بينظير آباد، ڊسٽرڪٽ رٽرنگ آفيسر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه ۽ پيپلزپارٽي اميدوار آصفا ڀٽو زرداري کي ڌر بڻايو ويو هو.
ٻڌڻي ۾ عدالت پنهنجي مختصر فيصلي ۾ چيو ته اين اي 207 تي پي ٽي آءِ اميدوار جيڪي ثبوت پيش ڪيا آهنا اهي حقيقت ناهن انڪري درخواست رد ڪجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.