ڪراچي ۾ بجلي ۽ پاڻي جي سپلاءِ معطل رهڻ جا امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي واٽر بورڊ ڪارپوريشن ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن کان 24 ڪلاڪن لاءِ مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سپلاءِ معطل رهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ترجمان واٽر بورڊ ڪارپوريشن موجب ڪراچي جي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ طرفان سالاني مينٽينس واٽر ڪارپوريشن طرفان ليڪجز جي مرمت جي ڪري 25 ڪلاڪن تائين مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سپلاءِ بند رهندي.
واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ مينٽنس جو ڪم 29 ۽ 30 اپريل جي صبح 11 وڳي کان شام 7 وڳي تائين جاري رهندو جڏهن ته مينٽنس جي ڪري ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشنز جي مختلف فيڊرن تي بجلي جي سپلاءِ عارضي طور تي بند رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.