آءِ پي ايل: جِيڪ فريزر جا ڌوڙيا، دهلي جي ممبئي کي شڪست

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي 17 هين ايڊيشن ۾ جي 43 هين ميچ ۾ دهلي ڪيپيٽلز ممبئي انڊينز کي ڏهن رنسن تان شڪست ڏئي پوائنٽس ٽيبل 10 پوائنٽن سان تي پنجين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.
نئين دهلي جي اروند جيٽلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ممبئي جي ڪپتان هاردِڪ پانڊيا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو.
دهلي ڪيپيٽلز جي اوپنرن جِيڪ فريزر ۽ اڀيشيڪ پوريل اننگز شاندار شروعات ڪئي.
دهلي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 257 رنسون ٺاهيون.
جيڪ فريزز 27 بالن تي تيز 84 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ ڇهه ڇڪا ۽ يارنهن چوڪا پڻ شامل هئا، جڏهن ته ٽريسٽن اسٽوبس 48، شاءِ هوپ 41، اڀيشيڪ پوريل 36 ۽ ڪپتان رشڀ پنت 29 رنسون ٺاهيون.
ممبئي طرفان جسپريت بُمرا، ليوڪ ووڊ، پيئوش چاولا ۽ محمد نبي هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
258 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي ممئي انڊينز مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 247 رنسون ٺاهي سگهي ۽ 10 رنسن تان ميچ هارائي وئي.
ممبئي طرفان تلَڪ ورما 63، هاردڪ پانڊيا 46، ٽِم ڊيوڊ 37 ۽ سوريا ڪمار ياديو 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
دهلي جي مُڪيش ڪمار ۽ راسيخ سلام ٽي، ٽي، جڏهن ته خليل احمد ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
شاندار بيٽنگ تي جيڪ فريزر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.