ڏکڻ وزيرستان ۾ هٿيابندن جج کي اغوا ڪري ورتو

ڏکڻ وزيرستان ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ وزيرستان جي سيشن جج شاڪر الله مروت کي هٿياربندن اغوا ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل هٿياربندن ٽانڪ-ڊيرا بارڊر وٽ ڀگوال ڳوٺ ويجهو سيشن جج کي اغوا ڪيو.
ٻئي پاسي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کي جج جي بحفاظت بازيابيءَ لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.
علي امين گنڊاپور چيو ته جج کي بازياب ڪرائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃڻ ۽ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.
ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته هي انتهائي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ واقعو آهي، ملوث عنصر قانون جي پڪڙ کان نه بچي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.